رنگ رتي لهر

رنگ رتي لهر

رنگ رتي لهر

رنگ رتي لهر (ڪتاب): هي ڪتاب برک شاعر نارائڻ شيام جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، ڪتاب جو مهاڳ نامياري شاعر هري دلگير لکيو آهي، ’رنگ رتي لهر‘ ۾ نارائڻ شيام جا 52 غزل شامل آهن. هري دلگير لکيو آهي ته: ”نارائڻ شيام پراڻا ۽ لتاڙيل پيچرا ڇڏي، پنهنجي لاءِ نئون رستو گھڙيو آهي. هن پنهنجي غزل کي نون خيالن، احساسن ۽ انقلاب کي اظهار جو ذريعو بڻايو آهي ۽ سندس ڪاميابيءَ جو اندازو سندس غزلن کي پڙهڻ بعد ئي لڳائي سگهجي ٿو. ننڍن ننڍن ۽ مٺن مٺن لفظن ۾ لطيف، حسين ۽ رنگين خيال نڀايا ويا آهن.“ غزلن جي هن ننڍڙي مجموعي ۾ شيام جي تازن غزلن سان گڏ ڪجھه پراڻا غزل به شامل آهن، جن کي پنهنجو الڳ ماحول آهي، قديم روايتي ماحول.“
ڪرائون سائيز ۾ 60 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ڪهاڻي پبليڪيشن، بمبئيءَ پاران 1956ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو